فاضل خان ٺٽوي

فاضل خان ٺٽوي : فاضل خان ٺٽوي جو اصل نالو عثمان سميجو هو ۽ هي ٺٽي جي ملا خاندان مان هو. هي مخدوم معين ٺٽويءَ جي ڏاڏي مخدوم طالب الله جو مريد هو. انهيءَ عقيدت سبب هن پنهنجي ڌيءَ جي شادي مخدوم طالب الله جي پٽ مخدوم محمد امين سان ڪئي. جنهن مان علامه محمد معين پيدا ٿيو ۽ اهڙي طرح فاضل خان، مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو نانو ٿيو. هي عالم پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي قابليت جي زور تي اورنگزيب عالمگير جي دربار ۾ مير منشي مقرر ٿيو ۽ بادشاهه جي طرفان فاضل خان جو لقب عطا ٿيس ۽ آخرڪار ترقي ڪندو وڃي صدرالصدور جي عهدي تي ويٺو. ملا فاضل خان ٺٽوي پنهنجي دؤر جو تمام وڏو عالم، اديب ۽ شاعر هو. خصوصاً فارسي انشا پردازي ۾ گھڻو قابل هو، ان جا مڪتوبات ان زماني ۾ ڪافي مشهور هئا. سندس وفات 1096هه/1684ع ۾ ٿي. ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي هن مصرع مان سندس تاريخ ڪڍي آهي. ”مشعل ملڪ سند گل شد حيف“( 1096هه)1684ع


لفظ فاضل خان ٺٽويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو